ارن ڌتي راء جي ڪتاب آزادي تي هڪ نظر-جاويد پنهور

ارن ڌتي راء انڊين ليکڪا جيڪا لبرل نظريعن جي مالڪ آهي ۽ سندس خيال, ويچار جيڪي هن مضمونن جي صورت ۾ لکيا تن کي هڪ بڪ جي تشڪيل ڏني وئي جيڪو هن وقت اسان جي هٿن ۾ آهي سندس اهڙن مضمونن جي ڪري ئي مقبوليت حاصل آهي جيڪا انڊيا جي ۽ خاص ڪري مودي جي حڪومت جي سازشن کي وائکو ڪري ٿي.
ڪتاب مختلف موضوعن تي مشتمل آهي پر ان جو متن هڪ ئي آهي ته انڊيا جو مسلمانن سان ۽ خاص ڪري ڪشمير ۾ ڇا ڪار وهنوار آهي, مودي ڪير آهي ڪهڙي نظريعي ۽ سوچ جو مالڪ آهي, BJP پارٽئ ۾ ڪيئن آيو, ڪيئن هن انڊيا جي سياست ۾ هڪ دٻدٻو بيهاريو, ڪرونا ڪيئن انڊيا کي اچي سوگهو ڪيو ۽ ڪيئن معشيت جي پيڙه کي اچي تباهئ تي پهچايائين, ڪيئن ميڊيا, ليکڪ ايڪٽر حڪومت جي چاپلوسي ڪن ٿا ۽ سڌو سچ نٿا ڳالهائي سگهن, ڪيئن هندو انتهاپسند ٻين منارٽي وارن کي زورئ جئي هندو ماتا جا نعرا هڻائي قتل ڪري ڇڏين ٿا اهيو سڄو حال احوال هن ڪتاب ۾ شامل آهي.

انڊيا ۾ ڳالهايون ويندڙ ٻولين جو انگ 780 آهي ۽ 38 ٻوليون اهڙيون آهن جن کي اڃا تسليم ناهي ڪيو ويو مطلب انڊيا ۾ ڪا هڪ ٻولي جيئن پاڪستان ۾ اردو کي زورئ مڙهيو ويو جنهن جو نقصان بنگالين ڀوڳيو بلڪل ايئن ئي سريلنڪا سنهالا ٻولي مڙهي ته اتي سول وار شروع ٿي وئي تيئن انڊيا ۾ ڪنهن هڪ ٻولئ کي قومي ٻولي نٿو چئي سگهجي.

انگريزي ڳالهائڻ برٽش جي ابن ڏاڏن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ نه پر دنيا جي گلوب ۽ ترقئ سان انگريزي زبان نيوٽرل بڻجي چڪي آهي.
هڪ هنڌ ارن ڌتي بيان ڪري ٿي ته مونکي هڪ ئي جملو اردو جو ياد رهيو جيڪو هڪ سبق جو محاورو آهي “A faithful dog who saves her master’s baby from a snake by getting herself bitten instead”. مونکان اڪثر پڇيو ويندو آهي ته منهنجي ماڌري ٻولي ڪهڙي آهي منهنجي ڄمڻ کان پهريان منهنجي والدين جو رشتو ٽٽي ويو پوء منهنجي پالنا جتي ٿي اتي پتين جا ٻوٽا ٿيندا آهن اتي ٿي پر The God Of Small Things لکڻ کان پوء منهنجي رڳن ۾ رت ڊوڙڻ لڳو ۽ مان سڪون محسوس ڪيو ۽ ان وقت مان محسوس ڪيو اهيائي ٻولي آهي جنهن ۾ مان آسانئ سان سوچي سگهان ٿي, لکي سگهان ٿي پنهنجي راء جو اظهار ڪري سگهان ٿي.

اردو ٻولي جنهن جي ڪري پهريان بنگالي ٻولئ کي ڌتڪاريو ويو ۽ پوء سنڌئ کي ان جي باري ۾ هن لکيو آهي ته ” Urdu was the language of the street, but not necessarily the language is spoken in the privacy of most ordinary people’s homes, particularly not by women “.
انڊيا ۾ هن وقت اردو ڳالهائيندڙ پاڪستاني مسلمان سمجهيو وڃي ٿو ۽ انهن جي نظر ۾ اردو ڳالهائيندڙ پاڪستاني آهي مطلب انڊيا جو غدار آهي. اردو ٻولئ جو پهريون شاعر ولي دکن آهي جنهن جو ٻولئ جي چڪر ۾ اچي انتهاپسند سندس مقبرو ئي ڊاهي ڇڏيو.
انڊيا جي باري ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي ته In India of today, to belong to a minority is a crime. To be murdered is a crime. To be lynched is a crime. To be poor is a crime. ان کان علاوه اتي مسلمان يا بنگالي هجڻ به هڪ قسم جو جرم آهي .
اليڪشن کانپوء اهيا صوتحال هوندي آهي ته هر پل هر گهڙي اسان تي خوف حاوي هوندو آهي ته ڪيڏي مهل باه جو گولو اچي اسان جي مٿان ڪري ۽ ڪهڙو ٻڙڌڪ اچي مچائي.

ڪشمير ڌرتئ جي گولي تي اهو واحد خطو آهي جنهن تي ماڻهون ذري ذري جي چر پر به اننڊين آرمئ جي سرپرستئ ۾ ٿئي ٿي.
جنگ جنهن جي وچ ۾ انڊيا ۽ پاڪستان آهن اها صرف انهن ٻن جي وچ ۾ نه آهي اها جنگ ڪشمير ۾ آهي جيڪا هڪ ٻي جنگ کي جنم پئي ڏئي اهيو سمورو ڪارساز ختم ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن ڪشمير کان ڪڏهن پڇيو وڃي ته اهي ڇا ٿا چون, اهي ڇا ٿا چاهين, اهي ڪٿي رهڻ پسند ڪن ٿا.
انڊيا ۾ منهنجو نالو سڀ کان اڳيان آهي اينٽي نيشنل, هتي جنهن مودي کي ووٽ نه ڏنو ته اهو پاڪستاني آهي ان انتهاپسندي کي چڻگ ڏيئڻ لاء سوشل ميڊيا اهو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
انڊيا جون جيلون انهن قيدين سان ڀريون پيو آهن جن مان اڪثريت مسلمانن جي آهي يا پاڪستانين جي آهي ۽ اهي خوشقسمت آهن جن کي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ڪيو ٿو وڃي انهن جي ڀيٽ ۾ جن کي قتل ڪيو ٿو وڃي.
اڪثر بيشتر هر ايسي مونکي ڪنهن نه ڪنهن مشڪل ۾ ڌڪيندو آهي ۽ مان واعدو ڪندي آهيان ته ٻيو نه لکندس پر هڪ عجيب قسم جو شور جيڪو مونکي محسوس ٿيندو آهي ۽ مونکي رت ۾ وڳوڙ محسوس ٿيندي آهي ۽ وري مان لکڻ شروع ڪندي آهيان.
ڪشمير جي ڪهاڻي صرف انساني حقن جي تنظيم جي ناهي, شهيد ڪري اجتماعي قبرون ٺاهڻ جو مسئلو ناهي, تشدد جو مسئلو ناهي, ڪشمير ڪيئن پئي اهڙي گهٽيل ماحول ۾ ساه کڻي جٿي پيار, محبت, ايمان,عبادت ۽ انهن جي ٻولي سڀ ڪجه انڊين آرمئ جي ماتحت آهي.
ڪشمير کي انڊيا جي ڪالوني ٺاهڻ لاء اتان جي حڪومت آرٽيڪل A 35 تشڪيل ڏنو جنهن جو مقصد انڊيا جا ماڻهو اتي رهي پنهنجو بزنس شروع ڪري اتي زمينون وٺي سگهن ٿا ان قانون کانپوء انهن جا نعره آهن ته ڪشمير مان ڇوڪري وٺي ۽ زمين وٺي.
هڪ هنڌ ارن ڌتي لکيو آهي مودي انهن کي عيد جون اڳواٽ مبارڪون ڏنيو پر هن انهن مٿان لڳل لاڪ ڊائون ختم نه ڪرايو جيڪو ڪرفيو انهن جو جيئڻ جنجال ڪيو ويٺو هئو.
انڊيا معاشيت جي حساب سان ڀلي پنجون نمبر ملڪ هجي پر ڪيڏي نه شرم جهڙي ڳاله آهي اڃا غربت, بک ۽ بدحالئ جو شڪار آهي اڃا ڪافي شيون سڌرڻ گهرجن.
آئين جي مطابق انڊيا سيڪيولر آهي مطلب مذهبي, سماجي, معاشي سڀنين کي هڪ جيترا حق هجن پر هتي ان لفظ جو مطلب ڪجه ٻيو آهي عملي زندگئ ۾ انڊيا نه سيڪيولر آهي نه ئي وري سوشلسٽ, منافقت انڊيا جو پيشو آهي ان کان بنا انڊيا ڪجه به ناهي.

مودي جو عروج 2001 کان شروع ٿيو جڏهن 9/11 جو واقعو پيش آيو جڏهن BJP پنهنجي چونڊيل چيف منسٽر کي هٽائي مودئ کي ان جي جڳه تي آندو ان کان پوء ڏينهن ڏٺي جو 2500 ماڻهن جو ڏينهن ڏٺي جو قتل ٿيو جيڪي مسلمان هئا عورتن کي گهرن ۽ گهٽين ۾ اجتماعي ڏاڍائي ڪئي وئي انهي کلي ڇوٽ جي ڪري مودي کي اليڪشن ۾ سوڀ ملي ان سموري صورتحال جو جڏهن هڪ صحافي هن کان سوال پڇيو ته هن جواب ۾ چيي In all sincerity,that he would regret even the death of a dog if it accidentally came under the wheels of his car.
2016 ۽ 2017 جي دوران BJP معاشي حوالي سان ڪانگريس پارٽئ جي ڀيٽ ۾ تمام سگهاري بڻجي چڪي هئي ۽ 2019 جا اليڪشن پارٽين جي وچ ۾ نه پر فراري ۽ موٽرسائيڪل جي وچ ۾ هئا مطلب ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا مودي جي سوڀ طئي هئي.
مودي حڪومت ۾ چار صديون پراڻي بابري مسجد کي شهيد ڪيو ويو ۽ ڄاڻايو ويو ته اهيا زمين انهن جي ڀڳوان رام جي ڄمڻ جي آهي.
هڪ نوجوان کي ۽ ان جي تازي شادي ٿيل زال کي صرف ان ڪري قتل ڪيو ويو ته انهن کان زورئ جئي شري رام چورائي رهيا هئا جوڙو مسلمان هئو.
جڏهن نئون قانون پاس ڪري خوشيون ملهايون ويون ڪشمير مسلسل ڪرفيو ۾ هئي ۽ انتهاپسند BJP ۽ ان جا پوئلڳ مٺايون ورهائي نعره هڻي رهيا هئا ته ڪشميري ڇوڪري سان شادي ڪري اتي آسانئ سان زمين خريد ڪري سگهجي ٿي ان سموري صورتحال ۾ ميڊيا به سياستدانن جي فيور ۾ هئي بلڪل ايئن جيئن اردو ميڊيا سنڌ جي مسئلن تي پنڊ پهڻ هوندي آهي جيڪو ٿوريون خبرون دنيا اڳيان اچن پيون سي به ٻاهرين ميڊيا جي ذريعي جيڪي پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي اتي رپورٽنگ ڪري رهيا هئا.
ڪشمير تي لڳل ڪرفيو جي باري ۾ اتان جي هڪ سياستدان جو چوڻ هئو ته
Normal life in Jammu and Kashmir has not been affected. People are doing their necessary work. Those who feel that life has been affected are the ones whose survival depends on terrorism.

جڏهن بنگال جو پارٽيشن ٿيو ان وقت جيڪي بنگالي, مسلمان آسام ۾ رهيل هئا انهن جي ملڪيتن کي قبضي ۾ ڪري انهن جي شناخت رد ڪري انهن کي پناهگير ڄاڻايو ويو اهي ايترا ته مفلوج بڻجي چڪا هئا جو اهي ڪٿي ڪيس وڙهڻ لاء به پاڻ کپائڻ تي مجبور ٿي ويا هئا.
آزادي Azadi لفظ جي تاريخ ايران جي انقلاب سان جڙيل آهي جيڪو ايران جو Slogan هئو انقلاب وقت.
جيڪي ماڻهو انڊيا ۾ آزادئ جا نعره لڳائي رهيا آهن تن جو به مقصد بلڪل سنڌ جيئان آهي انهن کي آزادي انڊيا کان نه انڊيا ۾ آزادي گهرجي, غربت کان ڇوٽڪاري جي, ملڪيت جي, ڌنڌي جي ۽ جيئڻ جي آزادي .
مودي سرڪار جي آفيسر اهي ئي آهن جيڪي قتلن کان ويندي هر جرم ۾ جن جو شمار آهي ۽ حڪومت جا حامي لڳا ويٺا آهن.
هڪ هندو انتهاپسند بابو بجرنگي 97 ماڻهن جو قتل ڪري دعوئ سان چئي رهيو هئو ته مان ڪٿي به ڪا جڳه خالي ناهي ڇڏي ڪنهن به مسلمان کي جيئرو ناهي ڇڏيو.
ارن ڌتي انڊيا جي هئڻ جي باوجو اکيون کوليدڙ ڪتاب لکي هندوانتهاپسندن جي ڪيل ڪارنامن کي دنيا اڳيان آڻي ۽ ماڻهن کي ان سموري شين جي باري ۾ آگاه ڪري يقينن هڪ بهادري وارو ڪم ڪيو آهي هڪ ناياب ڪتاب هندو انتهاپسندي کي سمجهڻ لاء.

Leave a Reply