معروف شاعر نثر نويس ۽ محقق مخدوم جميل الزمان جي جنم ڏينهن جي حوالي سان خصوصي ليک
علي اڪبر ھنڱورجو
عندليب و نرگس وسوسن صنوبر پيا چون
ايندو ايندو غيرت چشم غزالان عنقريب
تون جي آهين خوبصورت آءُ پڻ آهيان جميل
سنگدل ٿينداسين هڪ جسم و جان عنقريب
اڄ سروري جماعت جي روحاني پيشوا معروف علمي ادبي سياسي ۽ سماجي شخصيت سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري شاعر سائين مخدوم جميل الزمان جميل جو جنم ڏينهن آهي پاڻ ان سروري نو لکي گودڙيءَ جا سرواڻ آهن جنهن گذريل پنجن صدين کان هن ڌرتيءَ جي ماڻهن کي روحانيت ۽ علم و ادب جا گلاب پئي آڇيا آهن. برصغير جي عظيم رحاني شخصيت حضرت مخدوم سرور نوح عليه رحمت جن جو شمار سنڌي ٻولي ءَ جي اوائلي شاعرن ۾ ٿئي ٿو ۽ سندن روشن ڪيل روحانيت ۽ علم و ادب جي مشعل کي هن خاندان هميشه روشن رکيو آهي
مخدوم امين محمد پکن ڌڻي کان مخدوم امين فهيم ۽ مخدوم طالب المولا کان وٺي موجوده سجاده نشين مخدوم جميل الزمان تائين شعر ۽ ادب سان هن خاندان جي ڪمٽمنٽ صدين کان لازوال رهي آهي. گذريل پنجاه سالن جي عرصي کان مخدوم جميل الزمان سائين جن جون شاعري، نثر ، تاريخ ۽ ٻولي جي ميدان ۾ سرانجام ڏنل خدمتون روشنيءَ جي ان سفر جو تسلسل آهن جن جي شروعات اڄ کان صديون پهرين ٿي هئي
مخدوم جميل الزمان جي شعر و ادب سان رغبت 80 واري ڏهاڪي کان شروع ٿي . شاعري ۾ پاڻ پنهنجي ڏاڏي ۽ سنڌ جي عظيم شاعر حضرت مخدوم طالب المولا کان ورتائون . مخدوم جميل الزمان شاعري جي ڪيترن ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ سندن شاعري فڪر جي گهرائي ، موسيقيت، خيال ۽ گهاڙيٽي جي نواڻ ۽ ٻوليءَ جي خوبصورت استعمال سبب پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سندن شاعريءَ جي مجموئن ۾ اترلڳا آءُ پرين، دلربا دلربا، ملاقات، محبت پائي من ۾ ، روح رچنديون ۽ ٻيون تصنيفات شامل آهن. مخدوم صاحب جن گذريل ڪيتري ئي عرصي کان تاريخ، سوانح، لغت ۽ ٻين موضوعن تي تحقيقي ڪم ۾ مصروف آهن ۽ انهن موضوعن تي سندن ڪيتريون ئي تصنيفات ڇپجي چڪيون آهن. جن ۾ سنڌ جي واقعاتي تاريخ، تذڪره مخدومان هالا، خير شيرازي، سيد فتح محمد شاه اجناڻي جي سوانح ۽ ڪلام ، ڪافيا ڪوش ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن
مخدوم صاحب سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمن به رهيا آهن. اڄڪله سندن زير نگراني مخدوم طالب المولا اڪيڊمي طرفان روحانيت، شعر وادب، تاريخ، لغت ۽ ٻين موضوعن تي ناياب قسم جون تصنيفات ڇپائي سنڌ جي پڙهندرن ۽ علمي ادارن تائين تحفي طور پهچائڻ جو سلسلو جاري آهي. گڏوگڏ گذريل ڪجه عرصي ۾ مخدوم صاحب جن بزم طالب المولا نالي ادبي تنظيم جي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود شاخن کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهن جنهن سان سنڌ ۾ طرحي مشاعرن ۽ ٻين ادبي سرگرمين کي تمام گھڻي هٿي ملي آهي. اڄ مخدوم صاحب جي جنم ڏينهن جي موقعي تي اسان دعاڳو آهيون ته مالڪ سائين مخدوم صاحب کي ڪامل صحت سان وڏي ڄمار عطا ڪري ۽ پاڻ ايئن ئي سنڌي علم و ادب جي خدمت ڪندا رهن. آمين
علي اڪبر هنڱورجو