تحرير؛ علي اڪبر هنڱورجو

هرڪو وعدو نڀائي جان سعيد
پنهنجي الفت کي شاهڪار ڪبو
اڄ لڳائي گلي سان چئو ، عاطف
توکي هر وقت غمگسار ڪبو
اڄ سنڌي ٻوليءَ جي نالي واري شاعر، سياستدان، سماج سڌارڪ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن مخدوم سعيد الزمان عاطف جو جنم ڏينهن آهي. مخدوم سعيد الزمان جن گهڻ رخي شخصيت جا مالڪ آهن ۽ پنهنجي خانداني روايتن جي پاسداري ڪندي هڪ وڏي عرصي کان سماجي ، علمي ۽ ادبي خدمتن ۾ مصروف آهن. ملنسار ۽ سدا بهار شخصيت جا مالڪ مخدوم سعيد الزمان صاحب جن بهترين منتظم آهن. سندن شخصيت جي ان پاسي جو اظهار اسانکي مختلف عهدن تي ڪم ڪرڻ دوران سندن غير معمولي ڪارڪردگيءَ مان ٿئي ٿو. مخدوم سعيد الزمان جن انتظامي لحاظ کان پنهنجي سياسي ڪيرئر جو آغاز سنڌ جي تاريخي شهر هالا ٽائون ڪميٽي جي چيئرمن شپ سان ڪيو. اسي واري ڏهاڪي دوران سندن چيئرمن شپ وارو زماني ۾ جيتوڻيڪ ملڪ ۾ هڪ غير جهموري حڪومت قائم هئي پر انهن سڀني حالتن جي باوجود مخدوم سعيد الزمان هالا شهر جي ترقي لاءِ انقلابي قدم کنيا ۽ شهر جي سول سوسائٽِي کي ساڻ کڻي ترقياتي ڪمن جو سلسلو جاري رکيو.
ساڳئي طرح ھڪ بھترين منتظم جي حثيت ۾ مخدوم سعيدالزمان عاطف سنڌي ادبي بورڊ ۾ انتظامي سڌارا آڻڻ سان گڏ نون ڪتابن جي ڇپائي ۽ بورڊ طرفان بھترين پروگرام منعقد ڪرائڻ ۽ بورڊ جي بيوٽيفڪيشن جي حوالي سان ساراھ جوڳا قدم کنيا آهن. شديد مالي مشڪلاتن جي باوجود سندن چيئرمن شپ دوران سنڌي بورڊ جي ڪارڪردگيءَ ۾ تمام گهڻي بهتري نظر آئي آهي. ان بهتري جو احساس سنڌي ادبي بورڊ جي مک دروازي کان داخل ٿيندي ئي ٿيڻ لڳي ٿو جو اداري جا سرسبز لان ۽ انهن ۾ نهايت نفاست سان ترتيب ڏنل سيٽنگ ارينجمنٽ ڏسي دل خوش ٿي وڃي ٿي . هتي اسانکي فطرت سان پيار ڪندڙ ٻاهران ايندڙ ادب دوست ماڻهن سان گڏ سنڌ جي تعليمي مرڪز جو درجو رکندڙ ڄامشورو جي مختلف تعليمي ادارن جا شاگرد توڙي عام ماڻهون به گهمندي ڦرندي نظر اچن ٿا. ايئن سنڌ جي هن نمائنده ادبي اداري ۽ علم دوست عوام وچم جذباتي تعلق وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي.

پنهنجي قيام کان وٺي سنڌي ادبي بورڊ سنڌي زبان ۾ موجود تاريخي اهميت جي علمي ادبي مسودن سميت لوڪ ادب کي ڇپائي ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ بڻائڻ جو ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي پر جديد دور ۾ ان ڳاله جي ضرورت ڪافي وقت کان محسوس ڪئي پئي وئي ته سنڌي علم و ادب جي تاريخ ۾ ڪلاسڪس جو درجو رکندڙ ڪتابن کي آڊيو بوڪس جي صورت ۾ ڊجيٽل زماني جي ٻڌندڙن ۽ ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهڙ رهندڙ سنڌي ادب جي اهڙن چاهيندڙن تائين پهچائجي جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکي پڙهي نٿا سگهن. نهايت خوشيءَ جي ڳاله آهي ته مخدوم سعيد الزمان عاطف جن جديد دور جي ان ضرورت کي سمجهندي آڊيو بوڪس جي رڪاڊنگ لاءِ هڪ رڪاڊنگ اسٽوڊيو قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن تي تيزيءَ سان ڪم هلندڙ آهي. ساڳئي طرح بورڊ طرفان سنڌ جي مختلف ماڻهن وٽ مسودن جي صورت ۾ موجود مواد گڏ ڪرڻ جو سلسلو به جاري آهي جيئن انهن مسودن کي ايندڙ وقت ۾ ڇپائي ۽ آڊيو بوڪ جي صورت ۾ رڪاڊ ڪرڻ لاءِ محفوظ ڪري سگهجي.
ٻئي پاسي مخدوم صاحب جن سنڌ جي علمي ادبي ۽ ثقافتي ادارن وچم تعاون وڌائڻ لاءِ به ڪافي تحرڪ ورتو آهي ان سلسلي ۾ مخدوم سعيد الزمان عاطف جي ميزبانيءَ ۾ سنڌالاجي، قليچ چيئر، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ انسٽِيٽيوٽ ، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، ڊاڪٽر ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ ۽ ٻين ادارن جي سربراهن جو گڏجاڻيون پڻ منعقد ٿيون آهن جيئن ۾ علمي ادبي ۽ ثقافتي ادارن وچم اداراجاتي تعاون وڌائي سگهجي. مخدوم صاحب جو هڪ ٻيو ساراه جوڳو قدم سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود مختلف لائبررين لاءِ مفت ڪتابن جي فراهمي جو سلسلو آهي جنهن سان انهن لائبررين جي پڙهندڙن جو بورڊ سان تعلق به مضبوط ٿيو آهي. مستقبل جي منصوبن ۾ مخدوم صاحب جو هڪ خواب شهيد ذولفقار علي ڀٽو جي نالي سان هڪ جديد ريسرچ لائبرريءَ جو قيام به آهي. گڏ وگڏ محققن لاءِ هڪ هاسٽل جو قيام پڻ ان منصوبي جو حصو آهي جيئن مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ محقق هتي رهي ريسرچ لائبرريءَ ۾ تحقيق جو ڪم ڪري سگهن. بورڊ جي تلڪ چاڙهيءَ تي موجود بڪ شاپ کي هڪ جديد ڪتاب گهر بڻائن جي حوالي سان به لک پڙه هلندڙ آهي
مخدوم صاحب جي چيئرمن شپ دوران گذريل ڪجه سالن ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شاندار ڪتابي ميلا ، سيمينار، مشاعرا ۽ مختلف ادبي شخصيتن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ پرگرام منعقد ٿيا آهن جن ۾ سڄي ملڪ مان اديبن ۽ ادب دوست ماڻهن جي هڪ وڏي تعداد شرڪت ڪئي. بورڊ طرفان ڪافي وقت کان ڪتابن جي ڇپائي ٻاهران پئي ڪرائي وئي پر مخدوم صاحب ترجيعي بنيادن تي ڇپائيءَ جي نئين مشين خريد ڪري اداري ۾ ئي ڇپائيءَ جو ڪم شروع ٿيو آهي جنهن سان نه صرف ٿوري وقت ۾ وڏي انگ ۾ نهايت اهم ڪتابن جي ڇپائي عمل ۾ آئي آهي پر سنڌي ادبي بورڊ جي نمائنده رسالن مهراڻ ، گل ڦل ، سرتيون به مستقل طور تي وقت سر منظر عام تي اچڻ شروع ٿي ويا آهن
ذاتي حثيت ۾ مخدوم سعيد الزمان جو شمار سنڌ جي ناليوارن شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سندن ڪلام روناليلا ، وحيد علي، ديبا سحر ۽ ٻين فنڪارن جي آواز ۾ ڳايو ويو آهي ۽ سندن ڪلام کي زندگي ءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن طرفان بيحد پسند ڪيو ويو آهي. ھن وقت تائين مخدوم سعيدالزمان عاطف جي شاعريءَ جا ٽي مجموعا شايع ٿي چڪا آھن جن ۾
پاڻ مراديون ڳالھڙيون
عشق نه چرچو ڀانء
ٻولي ڪبي نه ٻي ـ شامل آھن
مخدوم سعيد الزمان سائين جن نه فقط اسانکي پنهنجي شاعريءَ ۾ محبت جو پرچار ڪندي نظر اچن ٿا پر سندن شخصي رويا ۽ ڪردار به سراپا محبت ۽ خير خواهي وارو آهي جنهن ۾
نفرتن لاءِ ڪابه گنجائش ناهي
پيار جو رکبو سدا ٻاري چراغ
ڪونه ٻارينداسين نفرت جو ڏيو
جان عاطف پيار ڪريون ايترو
ٿئي جهان لاءِ صداقت جو ڏيو
مخدوم سعيد الزمان عاطف شاعري جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ سندن شاعري ٻين خوبين سان گڏ موسيقيت سان به لبريز آهي جنهن سبب روناليلا ۽ٻين فنڪارن جي آواز ۾ ڳايل سندن ڪلام کي خوب پذيرائي ملي آهي ـ پنهنجي خاندان جي شاندار ادبي اتھاس جي تسلسل ۾ مخدوم سعيد سائين بزم طالب المولا سروري پبليڪيشن، ھالڪنڊي ڪتابي سلسلي ۽ ٻين ادبي ۽ اشاعتي ادارن جي پليٽ فارم تان سدائين سنڌي ادب جي ترقي ۽ ترويج ۾ مصروف رھيا آھن ـ مخدوم سعيدالزمان جن جي شاعري بابت سندن والد محترم ۽ معروف شاعر ـ سنڌ جي محسن ـ ادب نواز شخصيت سائيـن مخدوم طالب ا لمولا جن فرمائين ٿا ته مخدوم سعيد الزمان عاطف جي شاعري نرالي ۽ ذاتي خيالن تي مشتمل آهي ۽ غزل ۾ سندن زبان تخيل ۽ انداز منفرد آھي ـ سندس غزل جي ھڪ خوبي اھا به آهي ته ان ۾مصنوعيت ناهي
مونکي آ منهنجي گلعذار جو ڏڍ

منهنجي سهڻي سڄڻ جي پيار جو ڏڍ
ناهي دنيا جو فڪر عاطف کي
هنکي آ پنهنجي پياري يار جو ڏڍ
مخدوم سعيد الزمان جي غزل جو منفرد ڊڪشن ۽ رنگ آهي جنهن سان سندن شاعرانه پختگي، تخيل جي گهرائي ۽ زبان جي سادي پر حسين انداز ۾ استعمال ظاهر ٿئي ٿو
اهو ڪافي آ منهنجو رنج و غم هو مهربان سمجهي
ضروري ناهي ڳالهيون هي سمورو ئي جهان سمجهي
مٺو محبوب گڏ آهي ته صحرا پڻ چمن ٿيو پئي
نه آهي ڪنهن جي پرواه خود کي ڇا ٿو گلستان سمجهي
ساڳئي طرح سندن شاعريءَ متعلق پنهنجي راءِ ڏيندي سروري جماعت جا روحاني پيشوا ۽ سنڌي ٻوليءَ جا ناليوارا شاعر ، نثرنگار ۽ محقق سائين مخدوم جميل الزمان جن فرمائين ٿا ته
مخدوم سعيد الزمان سروري ۽ سندن شاعرانه افڪار ڪنهن به رسمي تعارف جا محتاج نه رهيا آهن، سندن شاعريءَ ۾ فطرت جي حسن لاءِ اها نگاه بدرجه اتم موجود آهي جنهن لاءِ
حضرت مخدوم طالب المولا جن فرمايو آهي ته
شاعري ذهن جي احساس جو نالو آهي
مون وڃي آه ڏٺو حسن بشر کي ويجهو
مخدوم سعيد الزمان جن اسي واري ڏهاڪي کان وٺي سماجي خدمتن جي شعبي ۾به پنهنجو نمايا ڪردار نڀايو آهي ۽ مختلف سماجي تنظيمن جي سرپرستي ڪندا رھيا آھن ـ 83 19 جي جھموريت جي بحالي لا۽ ھلايل تحريڪ دوران مخدوم طالب المولا سائين جن جي قيادت ۾ مخدوم خاندان توڙي سروري جماعت نهايت اهم ڪردار نڀايو هو. ان تحريڪ توڙي ان کانپوءِ ملڪ ۾ جهموريت جي بحاليءَ لاءِ ٿيندڙ سياسي عمل دوران سروري تنظيم جو به ساراه جوڳو ڪردار رهيو . واضع رهي ته سروري تنظيم جي ملڪي سطح تي تنظيم سازيءَ جو ڪريڊٽ به مخدوم سعيد الزمان عاطف ڏانهن وڃي ٿو. مخدوم سعيد الزمان جن خود به جهموريت جي بحالي واري جهدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ سياسي ڪارڪنن جي سرپرستي ڪئي.
مخدوم سعيد الزمان عاطف صاحب جن 1997 ۾ ننگر پارڪر جي تڪ تان صوبائي اسمبليءَ جا ميمبر چونڊيا ويا ۽ اسمبليءَ جي ميمبر جي حثيت ۾ ٿر جي هن پوئتي پيل علائقي جي ترقيءَ لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيائون. اڄ به مخدوم صاحب جن اتان جي ماڻهن سان ڏک سک ۾ شريڪ رهن ٿا. مخدو صاحب جن قومي اسمبلي ءَ جا ميمبر به رهيا آهن ـ اڄ سندن جنم ڏينهن جي موقعي تي دعا آهي ته الله پاڪ مخدوم صاحب کي سدائين خوش ۽ آباد رکي ۽ پاڻ ايئن ئي سنڌي ادب ۽ سماج جي خدمت ڪندا رھن ـ آمين ـ