Thank you to Mr Gerald-translate Nangar Channa ٿينڪ يو مسٽر گيلارڊ

400.00

Thank you to Mr Gerald-translate Nangar Channa ٿينڪ يو مسٽر گيلارڊ

Add to Wishlist
Add to Wishlist

Description

ٿينڪ يو مسٽر گيلارڊ

ليکڪ انل بروي

سنڌيڪار ننگر چنا

محترم ننگر چنو ھميشه بھتر ترجمه ڪندو رھندو آھي بھرحال “ماتم ھڪ عورت جو” کانپوء جيڪڏھن مون (ننگر سائين جو) صفا متاثر ڪندڙ ڪو ناول پڙھيو آھي ته اھو “ٿينڪ يو مسٽر گيلارڊ” آھي. ناول اصل ۾ ھندستان جي مراٺي ادب جو حصو ۽ ھندستان جي بھترين اديب ۽ صحافي “انل بروي” جي شاندار تخليق آھي.
بنيادي طور تي ناول انڊيا جي ڳوٺ ۾ (مائو نواز) ڪميونسٽ پارٽي جي ھٿياربڻد جدوجھد تي لکيل آھي. نڪسل باڙي ڳوٺ جي ڪري اھا تحريڪ جيڪا ھندستان جي ھارين ۽ مزدورن جي ڇوٽڪاري جي تحريڪ ھئي “نڪسلائيٽ موومينٽ” جي نالي سان مشهور ٿئي.
تحريڪ جي ويڙھاڪن منجھان ھڪڙو نڪسلائي ڪميونسٽ پڪڙجي پوي ٿو ۽ ھن کي اٺن ڏينھن ۾ ڦاسيء جي سزا ٻڌايل آھي. پر واھ جي ليکڪ اٺن ڏينھن جي قيد کي پرفيڪٽ ناول جي شڪل ڏني آھي. وڌيڪ ڪمال وري ترجمي نگار جو آھي، جو ناول پڙھندي ائين پيو محسوس ٿئي جھڙوڪ اصل سنڌي ۾ لکيل ھجي. ناول اھڙو ته ڪمال آھي جو ماڻھو ھڪڙي ويھڪ ۾ پڙھي وڃي، فڪري طور تي اھڙو شاھڪار جو نوجوان ساٿين وچ ۾ ويھي بار بار پڙھجي ۽ پنھنجي نظرياتي لائن تي پختو ٿي بيھجي.
ھڪ ڪميونسٽ کي ڪئين ھجڻ گھرجي، انھن جي گھر وارن کي ڪيتريقدر تڪليفون اچي سگھن ٿيون، پنھنجي نظرياتي لائن ڏي ھڪ ڪميونسٽ جو ڪھڙي طرح عقلي ۽ منطقي رويو ھجي ٿو، انھن سڀني شين کي سمجھڻ لاء ھي بھترين ناول آھي.