Afsanvi Adab Jo Rasool-رسول ميمڻ افسانوي ادب جو رسول

300.00

Afsanvi Adab Jo Rasool

رسول ميمڻ: افسانوي ادب جو رسول

Add to Wishlist
Add to Wishlist

Description

ڊاڪٽر رسول ميمڻ سنڌيءَ جو بي مثال ليکڪ، ھن گھڻو لکيو ۽ لاجواب لکيو، موجوده دور ۾ ڏسجي پيو ته نوجوان کيس گھڻو پڙھي رھيا آھن… سندس فلسفي جا ڪتابَ، ناول ۽ ڪھاڻيون سنڌي ادب ۾ خاص اھميت رکن ٿا.

ھوش محمد ڀٽيءَ ڊاڪٽر صاحب جي ڇھن ناولن تي تحقيقي مقالا لکي، ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيا آھن، سندس ھي ڪم بيشڪ اھم آھي.

سندس ناول اوڻيھ عورتون 2012ع ۾ پھريون ڀيرو شايع ٿيو ھو، جنھن جو اردو ترجمو محترم نياز نديم ڪيو، ماءِ پبليڪيشن اھو ڪتاب شايع ڪيو آهي، سندس ناول نجومي پڻ ننگر چنه اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، جيڪو شايع ناھي ٿي سگھيو… ان کانسواءِ جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب جا ٻيا ناول اردوءَ ۾ ترجمو ٿيا آھن تہ، ڄاڻ رکندڙ دوست ضرور اھڙي ڳالھ ونڊين.

ڪتاب ۾ جڏھن سٽون پڙھيم ته, ھيڪر پڙھڻ رڪجي ويو…
سٽون آھن.
آدرش ڇا ته ڪمال جي ڳالھ ڪئي آهي:
“انور پراچا اسپتال ۾ مريضن جي نبض ڏسي، کين دوا درمل ڏئي، مسـيحا بڻجي ســنڀال ڪـري، ڊيوٽــيءَ جون گھـڙيون پوريون ڪري اسٽيٿو اســڪوپ ڳچيءَ ۾ لڙڪائي، معصـوم شــاھ جي ميـناري جون لاھيون لھندي ڊاڪـٽر غلام رســول ميمڻ، آھـسـتي آھـسـتي ايندو ھو ته ائين لڳندو ھو ڄڻ ڪو ساڌ ٻيلي جو ديوتا پاڻيءَ جي مٿان ھلي رھيو آھي.”