Baghal Dewar by Buland Iqbal-ڀڳل ديوار جمن شاھ

600.00

Baghal Dewar by Buland Iqbal-ڀڳل ديوار جمن شاھ

Add to Wishlist
Add to Wishlist

Description

ڪتاب ”ڀڳل ديوار“شايع ٿي ويو آهي . ھن ناول جو ليکڪ بلند اقبال آھي ۽ سنڌيءَ ۾ ترجمو نوج وان سنڌيڪار جُمن شاھ ڪيو آھي.

بلند اقبال پنھنجي ناول ”ڀڳل ديوار“ ۾ جيڪي موضوع بحث ھيٺ آندا آھن، اُھي اڄ جي دؤر ۾ پوري اسلامي دنيا جا سڀ کان اھم ۽ سنگين مسئلا آھن. انھن ۾ سڀ کان اھم مسئلو مذھبي شدت پسندي، فرقه پرستي ۽ نفرت آھي. انھن منجهيل موضوعن کي ھن پنھنجي ڪردارن وسيلي ھڪ دلچسپ ڪهاڻيءَ ۾ بدلايو آھي جا قاريءَ کي شروع ۾ ئي پنھنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏي ٿي ۽ ھڪ ئي ويھڪ ۾ پڙھڻ تي مجبور ڪري ٿي.

ناول جا ڪردارَ فلسفياڻي قسم جي بحث کي تمام سادگيءَ سان ۽ عام ٻوليءَ ۾ بيان ڪن ٿا، ائين ئي جيڪڏهن منظر نگاريءَ جي ڳالهه ڪئي وڃي ته پڙھڻ واري کي محسوس ٿيندو ته ھُو پاڻ ان ناول ۾ موجود آھي. ناول اسلامي دھشت پسندي ۽ فرقه بنديءَ جي نفرتن جي مختلف پنن کي ھڪ ھڪ ڪري کوليندو رھي ٿو، ان جي سببن کان به پردو کڄندو رھي ٿو ۽ ان جي نتيجن تائين به پھچي ٿو. ڀڳل ديوار ۾ جيڪي منظر ڏيکاريا ويا آھن، اھي پاڪستان جي ھر ننڍي وڏي شھر ۾ پيش ايندا رھن ٿا، ناول ۾ ڏيکاريو ويو آھي ته ڪئين ماڻھو خدا، رسول ۽ فرقه پرستي جي عقيدن جي نالي تي جنون ۽ دشمنيءَ جي رستي تي ھلن ٿا! ڪھڙي طرح مسلمانن اسلام جي نالي تي ھڪ ٻئي جو خون وهايو آھي! اھي وڏا ڊيڄاريندڙ موضوعَ آھن جن کي بلند اقبال پنھنجي قلم جي جادوگريءَ سان ناول ۾ قيد ڪيا آھن.

ان کانسواءِ افغانستان ڪھڙي جبر جو شڪار رھيو، قابل ڪھڙي ڪرب مان گذريو، افغانستان ڪھڙي طرح ٻن عالمي نظامن جي وچ ۾ مسڻ (جنگ جو ميدان) بڻيو، ھُتي ڪھڙي طرح عالمي طاقتن مذھب کي ھٿيار طور استعمال ڪيو، شدت پسندي ڪيئن ڏسندي ئي ڏسندي سموري سماج کي پنھنجي ڄار ۾ ڦاسايو، سماج ۾ ڪھڙي طرح روشن خيالي ۽ رجعت پسنديءَ جي وچ ۾ تضاد ۽ پوءِ ويڙهه شروع ٿي، ھيءَ ويڙهه ڪيئن يونيورسٽين کان ٿيندي اچي روڊن تي پھتي…؟ ڊاڪٽر بلند اقبال ان ناول ۾ مذھب، عقيدن، اخلاقيات ۽ رسمن جي حوالي سان ڪيئي سوال اٿاريا آهن ۽ انھن جا مناسب جواب به ڏنا آھن. ناول ۾ حالتن جو ھڪ ڊيڄاريندڙ عڪس پيش ڪرڻ سان گڏ ھڪ بھتر مستقبل جو آئينو پڻ ڏنل آھي