Bulandeyoon Najam Abassi-بلنديون ناول نجم عباسي

400.00

Bulandeyoon Najam Abassi-بلنديون ناول نجم عباسي

Add to Wishlist
Add to Wishlist

Description

Bulandeyoon Najam Abbassi

بلنديون

ناول

نجم عباسي

ھي ڪتاب ايراني ڪردن سان ٿيندڙ ظلم زبردستي ھنن جي انھيءَ ڏمر ڏاڍ خلاف لاڳيتي جدجھد ۽ انھيءَ جي نتيجي ۾ حاصل ٿيندڙ ڪن ڪاميابين جي بنياد تي ٻڌل ھڪ دلچسپ فڪر انگيز ۽ اثرائتو ناول آھي.

 

 نجم عباسي ڏاڍي ڪاريگري سان بيحد وڻندڙ پيرائي ۾ لکيو آھي. ايراني ڪردن ۾ اسان جو ڇا وڃي..؟ حقيقت ھيءَ آھي تہ ظلم زور آوري دنيا جي ڪنھن بہ حصي ۾ ڪنھن بہ دور ۾ ڪنھن بہ انساني آباديءَ سان ٿئي اھا اصل ۾ سڄي انساني برادري جو مسئلو ۽ معاملو آھي.

 

ھن ناول جا خاص ڪردار مکڙيءَ وانگر نوجوان، صحتمند ۽ سگھارا آھن، مکڙيءَ وانگر زندگيءَ ۽ خوشبو سان ڀرپور ڦٽڻ جي طاقتن سان ڀريل ۽ طوفان بنجڻ لاءِ تيار، ھڪڙي ڪردار جو تہ نالو ئي مکڙي آھي ھي سڀ انقلاب جي وڻ جون مکڙيون آھن