Gustakh Muhabat by Saleem Jamali-گستاخ محبت سليم جمالي
₨400.00
Homosexuality
جهڙي ممنوع ٿيل موضوع تي پهريون ناول آهي
سنڌي ادب ۾ هم جنس پرستي
Description
#گستاخ محبت
هڪڙو ساهتڪار ئي تهذيب مٿان پيل ڪاري چادر ڦاڙي اڇلائي سگهي ٿو. آئون به اهڙو ساهتڪار ٿيڻ چاهيان ٿو، جو منهنجو تحريرون پڙهي چغل خور اکيون انڌيون ٿي وڃن، منافق دليون پاڻ کي پاڻ ڀونڊا ڏين، ۽ شعور جو ڏيئو ڀڙڪو کائي دُکي پوي!!
#انهيءَ سوچ کي اڳيان رکي، آئون گذريل چند سالن کان اهڙن ممنوع ٿيل موضوعن تي لکي رهيو آهيان، جن تي لکڻ لاءِ ڪنهن سفيد پوش شخص کي آسڪروائلڊ جيڏو جگر کپي.
#ٻوساٽيل فضا ۾ ويهي، طوائفن، ٽين جنس جي ماڻهن، هم جنس پرستن ۽ انساني ڪيفيتن تي لکڻ معنيٰ، پنهنجي پاڻ لاءِ ڪنڊن جو سيج وڇائڻ برابر آهي. ماڻهو وڏي نفرت مان رستن تي ڪنڊا اڇلائيندا آهن.
#پر اهو ليکڪ ئي ڪهڙو، جنهن کي ڪنڊا نه لڳا هجن!
#سچ پڇو ته آئون هر قسم جي سختيءَ کي انجواءِ ڪندو آهيان، شايد تڏهن ئي منهنجو ٽيون ڪتاب هڪ اهڙي ممنوع ٿيل موضوع تي، توهان جي اکين آڏو پيو آهي، ۽ منهنجي اندر جو راڻو خوشيءَ وچان مُرڪي رهيو آهي، ڄڻ مون ڪا منزل ماڻي هجي.(سليم جمالي)
سنڌي ادب ۾ هم جنس پرستي (Homosexuality) جهڙي ممنوع ٿيل موضوع تي پهريون ناول آهي.