Jadeedat Pujana samaj aee Adab by Dr Ghafoor Memon
₨500.00
Jadeedat Pujana-جديديت پڄاڻان غفور ميمڻ(سماج ۽ ادب)
Description
سنڌ جي برک ليکڪ ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي ڪتاب ”جديديت پُڄاڻان“ اوھان جي ھٿن ۾ ھُوندو!
ڊاڪٽر غفور ميمڻ ڪنھن تعارف جو محتاج ناھي پاڻ نه صرف سنڌي ادب جو استاد آھي پر فلسفي ۽ سائنس ۾ پڻ سگهاري پڪڙ اٿس. ھيءُ ڪتاب جديديت پڄاڻان سنڌي سماج ۾ نه صرف ادب جي لحاظ کان پر فلسفي جي ڪتاب جي لحاظ کان پڻ لاڀائتو واڌارو آھي. جنھن ۾ ليکڪ جديديت کان پوءِ جي لقائن (جن کي جديديت پڄاڻان چيو وڃي ٿو) تي قلم کڻي ٿو پر انھيءَ نتيجي ۾ پيدا ٿيل فرضي مسئلن کي پڙھندڙ اڳيان پڌري پٽ رکي ٿو پوءِ اھي ٽيڪنالاجيءَ جي لحاظ کان ھجن يا سماجي راءِ جي تشڪيل جي لحاظ کان ھجن. ليکڪ انھن سڀني مونجهارن تي قلم کڻي انھن جا پڙدا فاش ڪري پڙھندڙ کي جديديت پڄاڻان جي پيدا ٿيل عجيب صورتحال منجهان نڪرڻ ۾ مدد فراھم ڪري ٿو. تنھنڪري ھي ڪتاب نه صرف جديديت پڄاڻان کي سَولي ٻوليءَ ۾ سمجهائڻ طرف ھڪ ڪامياب بنيادي وِک ڀري ٿو پر جديدیت پڄاڻان جا سماج، ثقافت، ادب ۽ مذھبي رسم ۽ رواج تي پوندڙ اثرن تي به روشني وجهي ٿو