Karachi Ji Tarikh By Prof Aijaz Qurisho-ڪراچي جي تاريخ اعجاز قريشي
₨1,000.00
- Karachi Ji Tarikh By Prof Aijaz Qurisho-ڪراچي جي تاريخ اعجاز قريشي
Description
Karachi Ji Tarikh By Prof Aijaz Qurishi-
ڪراچي جي تاريخ
قديم دور کان جديد دور تائين هڪ اڀياس
تحقيق ترجمو ۽ سهيڙو پروفيسر اعجاز احمد قريشي
نامياري عالم، محقق ۽ تاريخدان پروفيسر اعجازاحمد قريشيءَ جو ڪراچيءَ جي اوائلي تاريخ بابت اهم ڪتاب “ڪراچيءَ جي تاريخ (قديم دور کان جديد دور تائين) هڪ اڀياس” ڇپجي پڌرو ٿي ويو.
ڪتاب ۾ مولانا دين محمد وفائي، ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ايم ايڇ پنهور، تاج صحرائي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، گل حسن ڪلمتي، پروفيسر ايڇ سي ملڪاڻي، نجيندرا ناٿ گپتا، ماڻڪ پٿاوالا، چيتن ماڙيوالا، مهر افتخار وينس، عبدالغفور کتري سميت ٻين عالم ۽ محققن جا اهم ليک شامل آهن.
ڪراچيءَ جي قدامت هزارن ورهين تي پکڙيل آهي، هن وقت تائين ٿيل تحقيق، کوٽائي ٿيل آثارن ۽ هٿ آيل دريافتن مان پتو پوي ٿو ته، هتي تاريخ کان اڳ جي دؤر، برفاني دؤر ۽ ٽامي جي دؤر جون شاهديون مليون آهن. ق. م جي دؤر کان وٺي ڪراچي بندرگاهه وڻج، واپار ۽ آمدورفت لاءِ ڪتب ايندو رهيو آهي. هن وقت تائين ٿيل تحقيق موجب مختلف دؤرن ۾ ڪراچي ۽ ان جي بندر جا نالا تبديل ٿيندا رهيا آهن، پر اهو پنهنجي جاءِ تي اهم حيثيت ۾ موجود رهيو آهي. شري رام جي هت ترسڻ، 325 ق. م ۾ سڪندر اعظم قيام، پٿر جي دؤر جي آثارن سميت ٻيون اهم تاريخي شاهديون موجود آهن.
قيمت 1000