Kedhan Kaheyan Karho by Altaf. Shaikh-ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو
₨800.00
ڪيڏاهين ڪاهيان ڪرهو ليکڪ الطاف شيخ
ISBN 978 627 7688 073
Page 280
Hard binding
Description
- Kedhan Kaheyan Karho by Altaf Shaikh
ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو الطاف شيخ
جڳ مشهور سفرنامه نگار سائين الطاف شيخ جو سفرنامو:
”ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو“شايع ٿي ويو.
الطاف شيخ نون هالن جو رهواسي، مئرين انجنيئر ۽ جڳ مشھور، سفرنامن جو ليکڪ آهي. هن بنيادي تعليم اباڻي شھر مان حاصل ڪري، پيٽارو ڪاليج جو رُخ ڪيو. ان کان پوءِ پاڪستان مئرين اڪيڊميءَ چٽگانگ مان 1968ع ۾ گريجويشن ڪري پاڻي وارن جھازن جو چيف انجنيئر ٿي ويو. هن پنھنجي شعبي ۾ اعليٰ تعليم جي حصول لاءِ اڃان به اڳتي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، نتيجي ۾ 1993ع ۾ سئيڊن جي ”ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي مالمو“ مان پوسٽ گريجويشن پڻ ڪري ورتائين. شيخ صاحب پنھنجين صلاحيتن عيوض انھيءَ شعبي جو چيف آفيسر بڻيو، اهو ئي سبب هو جو کيس سدائين دنيا جي بر بحر ۾ رهڻو پيو. جتي پاڻيءَ وارن جھازن ۾ آفيسر يا ٻي اسٽاف جا ماڻھو سنڌ جا ته نه هجڻ جھڙا پر پاڪستان جا به ايڪڙ ٻيڪڙ هجن ٿا، اُتي هالا جو هي انجنيئر مُلڪ ۽ قوم جي سڃاڻپ بڻجي ويو. هن جو عشق بحري جھازن سان ته هئو ئي پر سندن من ۾ هڪڙي ٻي عشق به جنم ورتو، جنھن شعبي ۾ اڪيلائيءَ جو شڪار، مختلف عياشين ۾ مگن آفيسر، جواني جي جوش ۾ گهڻو اڳتي وڌي وڃن ٿا، اتي الطاف شيخ به گهڻو اڳتي نڪري ته ويو پر هن ذهني عياشي جو مرڪز علم ۽ ادب کي بڻائي پنھنجي نئين سڃاڻپ ٺاهي.
الطاف شيخ صاحب سنڌ جي ننڍڙي شھر مان نڪري دنيا جو ماڻھو ٿي ويو. هن نه رڳو اڌ کان گهڻي دنيا جو سير ڪيو پر اُنھيءَ سير ۽ سفر کي پنھنجين لکڻين ۾ محفوظ پڻ ڪيائين. ادب ۾ الطاف شيخ جي سڃاڻپ سفر نامي نگار طور آهي، هن نه رڳو سنڌي ادب ۾ سفرنامي جي هڪڙي دنيا ٺاهي آهي پر دنيا جو سير پڻ ڪرايو اٿس. سفرنامو ادب جي دلچسپ نثري صنف آهي، پر الطاف شيخ جھڙن ليکڪن پنھنجن سفرنامن ۾ تاريخ کي به اوليت ڏني آهي. شيخ صاحب جا سفر نامه نه رڳو سندس سفر جي وارتائن جو داستان آهن پر هن دنيا جي تاريخ گڏ ڪري سنڌ جي ماڻھن، خاص ڪري نوجوانن جي اڳيان رکي آهي. هنن سفرنامن جي ٻولي سليس ۽ عام فھم واري آهي پر لکڻيءَ ۾ غضب جي رواني اٿس. سندس سفر نامي جو موجوده انداز ڪجهه مختلف آهي. هن ڪتاب ۾ جيتوڻيڪ ڪنھن هڪ مُلڪ جو سفرنامو نه آهي پر مختلف ملڪن جي سفر، رهڻي، ڪھڻي ۽ تھذيب بابت جامع مضمون آهن، نه رڳو اهو پر اُنھن مختلف موضوعن تي لکيل سفر نامن ۾ گهڻو اتساهه ۽ ڪاميابي ڏانهن وک وڌائڻ جو پيغام آهي. ان ڪري هن سفرنامي جي ڪتاب کي محدود سفرنامو سمجهڻ بدران تاريخي سفرنامي جيان پڙهڻ ضروري آهي. هن ڪتاب ۾ نئين نسل لاءِ وڏو ڄاڻ خزانو آهي. اميد اٿئون ته نئون نسل تمام گهڻو حظ حاصل ڪندو.