Mari Jee Dethosen Ayoub Khoso-مري جيءُ ڏٺوسين ايوب کوسو
₨500.00
Mari Jee Dethosen Ayoub Khoso-مري جيءُ ڏٺوسين ايوب کوسو
Description
Mari Jee Dethosen Ayoub Khoso
مري جيءُ ڏٺوسين ناول ليکڪ ايوب کوسو
هاڻ ته حيدرآباد جي هوائن ۾ نه ڪا خنڪي آهي ۽ نه ئي ڪا سردي.عجيب موسم ٿي وئي آهي. هفتو پهرين اسلام آباد کان آيس ته عادت مطابق قاسم آباد مان ڪتاب ورتا جيئن حيدرآباد جي ٿڌ جو مزو وٺان ۽ ڪتاب به پڙهان پر موسمياتي تبديلي اهو خواهش پوري ٿيڻ نه ڏني. انسان جا ڌرتي سان هٿ چراند جي قيمت وڏي پيماني تي چڪائڻي پوندي. هن دفعي ڪجهه ناول ورتا. ايوب کوسي جو ناول مري جي ڏٺوسين به آھي. ايوب جي شاعري مون کي پسند آهي. سندس نالو ڏسي ناول به ورتو. هڪ سو ايڪيتاليهه صفحن جو ناول ٽن ڏينهن ۾ پڙهي پورو ڪيو. ان جا ٻه سبب هيا هڪ ته واندڪائي آهي هتي ، ٻيو ناول شروع، وچ ۽آخر تائين پاڻ سان ڇڪي رکيو. ترگنوف ته مون کي بيحد پسند آهي. سندس ڪهاڻي پهريون پيار جو اثر اڃان تائين آهي.ايوب کوسي جي هن ناول جا ڪردار اوهان جي زندگي جو حصو ته نه ٿا بڻجڻ پر اثر ضرور ٿا ڇڏين. حشو ڪيولراماڻي تي لکيل ناول ڪافي سٺو آهي. ڪردارن کي ڪنهن حد تائين اڀاريو به ويو آهي پر ڪردار جيئرا ناهن ٿي سگهيا.
حشو جو ڪردار ايترو سگهارو آهي جو ان جي شخصيت جي هر پاسي کي جانچي اهڙي طرح ناول ۾ زنده ڪري سگهجي پيو جو ڪنهن فلم نگار کي فلم ٺاهڻ وقت وڌيڪ سوالن جي ضرورت ئي پوي ها. ناول جو جڙاء تمام سٺو لڳو، ضمير جو ڪردار دلڪش ۽ دلچسپ آهي. ڌرتي سان ويساهه گهاتيون ۽ ليڊرن جي بدمعاشين کي سٺي نموني ۽ پراثر طريقي سان لکيو اٿس. ناول جي پڄاڻي اوچتي ۽ ڇرڪائيندڙ آهي. هي ناول لائبريري ۾ رکڻ ۽ ڪنهن کي سوکڙي به ڏئي سگهجي ٿو. مون کي ڪافي وڻيو آهي . ايوب کوسي کي شهيد الله بخش سومري تي به اهڙو ناول لکڻ گهرجي. ايوب ڀلو ناول نگار به آهي.