Zindgi jo Safar Ton Aen Man-زندگي جو سفر تون ۽ مان ضراب حيدر
₨600.00
Zindgi jo Safar Ton Aen Man-زندگي جو سفر تون ۽ مان ضراب حيدر
Out of stock
Description
ضراب حيدر جو ڪٿائي ناول ”زندگيءَ جو سفر تُون ۽ مان“ شایع ٿي چڪو آهي
ھيءَ سنڌ جي ڪيڏي نہ خوش نصيبي آھي جو ھِن ڌرتيءَ تي ضراب حيدر جھڙا آرٽسٽ ڄميا آھن! جيڪي ھن ڪائنات کي ھڪ نرالي نگاھه سان ڏسن ٿا، حساسيت تي سرحدن کي ڇُھن ٿا ۽ سوچن ٿا! سوچن ٿا ته ڪائنات جا درد ڪيڏا نه وڏا آھن! جيڪي ھر ڪنھن جي درد کي پنھنجو سمجهن ٿا ۽ پنھنجي دردن کي وساري بہ ٻين جي دردن کي محسوس ڪن ٿا ۽ ٻين جي حصي جون ڀوڳنائون ڀوڳن ٿا. ھڪ آرٽسٽ ئي انھن مائونٽ ايوريسٽ جيڏن دردن جو ڪاٿو لڳائي سگهي ٿو… اصل ۾ ھيءَ ڪٿا آھي ته ھڪ آرٽسٽڪ اَک رکندڙ سنڌ جي نامياري ليکڪ سائين ضراب حيدر جي پر اِيئن چئي سگهجي ٿو ھيءَ ھر پڙھندڙ جي آتم ڪٿا آھي، ڇو جو ھيءَ ھڪ رولاڪ آرٽسٽ جي ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ ڪيتريون ئي ذيلي ڪھاڻيون آھن جن ۾ ڪيترائي احساس، ڪيترائي درد، ڪيترائي الميا، ڪيتريون ئي ڀوڳنائون ۽ ڪيتريون ئي سرحدن کان بي نياز چاھتون پئنٽ ٿيل آھن! ھيءَ اِھا ئي ڪھاڻي آھي جنھن ۾ ھڪ مُصوَر پاران رنگ ڀريا ويا آھن جن ۾ ھر پڙھندڙ رنگجي وڃي ٿو! ۽ الميو تہ ڏسو!؟ انھيءَ ساڳئي ناياب آرٽسٽ تي اسان جي سماج ڪيتريون ئي چٿرون ڪيون، ڪيترائي پٿر اُڇلايا آھن! ۽ جيئن جو تيئن رنجايو آھي! ھن آرٽسٽ پل، پل ڀوڳيو آھي… ھيءُ آرٽسٽ پل، پل تڙپيو آھي! ھِن آرٽسٽ اڪيلائيءَ ۾ پنھنجا لُڙڪَ پاڻ اُگهيا آھن! ھن زندگيءَ ۾ ڪيئي ڏُک ڏٺا آھن. ڪيترن ئي اِضطرابن مان گُذريو آھي پر پوءِ به ھن کي ڪنھن سان ڪا ڳلا ناھي، ھن کي ڪنھن سان ڪا شڪايت ناھي! ۽ ماٺ، ماٺ سڀ ڪجهه برداشت ڪندو ٿو رھي.
ھيءَ انھيءَ ضراب حيدر جي ڪھاڻي آھي جيڪو ڪائنات جو ھر درد لفظن ۾ بيان ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو ۽ ھيءُ نه رُڳو پنھنجا پر اسان جي سماج جي دردن جو ڏاڍي سُھڻي ۽ آرٽسٽڪ انداز سان پيش ڪري ٿو! ضراب حيدر جو پنھنجو نرالو ڊڪشن آھي، جنھن وسيلي ھِن پڙھندڙ جون دليون جيئن جو تيئن فتح ڪيون آھن ۽ انھيءَ جو چِٽو مثال سندس ھيءُ آتم ڪٿائي ناول آھي، ھيءُ ڪٿائي ناول 2006 ۾ ڇپيو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ پڙھندڙ جون دليون فتح ڪري ڇڏيائين! انھيءَ ڪٿائي ناول کي اڪيڊمي آف ليٽرس پاران شاهه عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ پڻ مليو آھي! انھيءَ انعام يافته ناول جي سنڌي ادب ۾ ڏاڍي کوٽ محسوس ڪئي وئي ھُئي ان ڪري پڙھندڙن جي مطالعي جي اُڃ کي اُجهائڻ لاءِ اسان پاران ٻيو ڇاپو توھان جي ھٿن ۾ آھي، اُميد ته توھان پڙھندڙن کان اڳ کان به سگهاري موٽ ملندي!