Andar Jene Rann By Dr Amin Qureshi
₨700.00
Andar Jene Rann By Dr Amin Qureshi
اندر جنين رڻ ڊاڪٽر امين قريشي
Description
اندر جنين رڻ ناول ڊاڪٽر امين قريشي
سنڌ جو رڻ بنهه مختصر ئي سهي، پر پنهنجي اٿاهه خوبصورتي رکي ٿو. هن جي پنهنجي ڇڪ آهي. رڻ خود هڪ ڪيفيتي لقاءُ آهي، جتي اوهان کي وقت بيٺل ملندو. سوين تاريخي ڪردارن ۽ داستانن جو شاهد رڻ، پنهنجي ڏينهن رات جي حسناڪين سميت اوهان کي ڪجهه سوچڻ ۽ لطف اندوز ٿيڻ لاءِ ڀليڪار ڪندو. رڻ هڪ اهڙو مظهر آهي، جتي ڪجهه به ناهي، پر انهيءَ ڪجهه به نه ۾ گهڻو ڪجهه آهي. ڪاري ڪلراٺي زمين، لوڻياٺين پاڻين جي دٻن ۽ لاڻن جا ڪجهه ٻوٽا، بس. باقي زندگيءَ جو ڪوبه آثار ناهي هوندو. بدين جي سامونڊي پٽي وارو خطو جيڪو گهڻي ڀاڱي ته ڏڪار واري حالت ۾ هجي ٿو، ڇو جو پڇڙيءَ تي پاڻي هميشه اڻ لڀ هوندو آهي. مٿان وري ٻوڏن جو شڪار به هي خطو ٿئي ٿو. هر ڏهاڪي ۾ هڪ عدد سامونڊي طوفان پنهنجو جلوو پڻ ڏيکاريندو آهي. سمنڊ جي ڪاهه بدمست هاٿي جيان سڌي توڙي اڻ سڌي ريت جاري آهي. سامونڊي پٽيءَ ۾ زمين غير محسوساتي طور پيرن هيٺان کسڪي رهي آهي. موسمياتي تبديلين ۽ ماحولياتي بگاڙ کي سمجهڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. 1999وارو سامونڊي طوفان راتون رات ڳوٺن جا ڳوٺ ڳڙڪائي ويو. سمنڊ ڪيترائي لاش نه موٽايا.ھي ناول انھن فردن جي پونيرن جي بي وسي جي رڌالي آھي.
ڊاڪٽر امين قريشي