insurance Wari chokri Imdad Baloch-انشورنس واري ڇوڪري اقبال بلوچ

400.00

insurance Wari chokri Imdad Baloch-انشورنس واري ڇوڪري اقبال بلوچ

Add to Wishlist
Add to Wishlist

Description

انشورنس واري ڇوڪري ناول اقبال بلوچ

نامياري ليکڪ، اقبال بلوچ جو پهريون ناول

”انشورنس واري ڇوڪري“ شايع ٿي ويو

اقبال بلوچ سنڌي ٻولي ۽ ادب جو سهڻو ۽ سنجيده ليکڪ آهي، سندس لکڻ جو انداز بنهه نرالو ۽ سليس آهي. هن ادب جي مڙني صنفن تي لکڻ جا ڀرپور تجربا ڪيا آهن. هو نثر توڙي نظم ۾ مسلسل لکندو ۽ مختلف رسالن توڙي اخبارن ۾ ڇپجندو رهي ٿو، جيتوڻيڪ سوشل ميڊيا تي به سندس لکڻين جا چرچا مشهور ۽ مقبول آهن.

اقبال بلوچ کوڙ سارا ڪتاب لکي سنڌي ادب جي جهول ۾ وڌا آهن، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ڪهاڻيون، شاعري، يادگيريون ۽ ٻيون صنفون شامل آهن. پر ناول جو هي سندس پهريون تجربو آهي، ان جي باوجود سندس ناول هڪ ئي وقت پڙهي پورو ڪرڻ جهڙو آهي.

”انشورنس واري ڇوڪري“ اقبال بلوچ جو منفرد ناول آهي، جيتوڻيڪ ناول جو پلاٽ سنڌي سماج سان جڙيل آهي، ڪردار پڻ ڪي ڌاريا نظر نه ٿا اچن. ليکڪ چواڻي ناول ۾ موجود ڪردار، اُنهن جا نالا يا زمين ڪنهن به شخص جي ذاتيات سان لاڳاپو نه ٿي رکي، پر ناول جي ڪهاڻي شروع کان آخر تائين ڌاري پڻ نظر نه ٿي اچي، اهو ليکڪ جو ئي ڪمال آهي. اقبال پوندي.

هن بهترين ناول جو مهاڳ تمام وڏي ليکڪ طارق قريشي لکيو آهي. ان کان علاوه، زاهده تاج ابڙو، مٺل جسڪاڻي، ناصر بلوچ ۽ سراج احمد وڳڻ جا تاثر شامل آهنن