Sindhi book-Sabhyan ji Pandh ma by Naresh Kumar Soothar

400.00

Love letters

By Naresh Kumar Soothar

 

Add to Wishlist
Add to Wishlist

Description

Sabhyan ji Pandh ma

ساڀيائن جي پنڌ ۾… نريش ڪمار سوٽهڙ

نريش ڪمار جو هيءُ ڪتاب! جنھن ۾ ٽٽل خواب، وڍجي ويل اميدون، منجهيل رشتا ۽ بي چيون محبتون آھن ۽ رومانس آھي! ڌنڌ ۾ ويٺل هيءُ ليکڪ جنھن جي دل تي هزارين درد رقصان آهن. ھيءُ ٿر جي ٿڌي واريءَ مان اڀريل ڪوسو ليکڪ آهي، جنھن وٽ راتيون ڏينھن ۽ ڏينھن راتين جھڙا آهن. نثر لکڻ سولو آهي پر نثر سان گڏجي هلڻ انتھائي اوکو آهي پر هيءُ يار رومانس جو ديوتا نثر ساڻ ائين هليو آهي جيئن ڪوئي محبوبه سان پھرين وِک کڻندي سرهو محسوس ٿيندو آهي ۽ پوءِ مسلسل هلندو رهندو آهي. شيخ اياز چيو آهي ته، ”نثر پنڌ ڪري ٿو.“ پر هن ته نثر کي مينھن واچ ڪري ڊوڙايو آهي! هيءُ نثر سان گڏ اوڇنگارون ڏيئِي رُنو آهي. ھن نثر سان گَلو کولي ٽھڪ به ڏنا آھن، نثر کي جواني ارپي آھي! ھن جي نثر ۾ رومانس ائين اُڀري نروار ٿيو آهي ڄڻ رومانس جي انتھا جي انتھا آهي. تڏهن ته لکي ٿو ته، ”تون پاڻي پيئندي هئينءَ ته نديون رڪجي وينديون هيون!“، ”هيل تو بادلن سان ڳالھيون ناهن ڪيون ته بادل گُونگا ٿي پيا آهن.“
پابند شاعري هجي يا نثر پر تخيل جو هجڻ ايترو ضروري آهي جيترو جياپي لاءِ آڪسيجن جو هجڻ لازمي آهي. هن جو ڊڪشن ائين آهي جيڪڏھن هزارين سٽن جي وچ ۾ نريش جي هڪ سٽ لکي وڃي ته آئون پڙهڻ سان ئي ڇاتيءَ تي هٿ هڻي چوندس ته هيءَ سٽ منھنجي يار جي آهي! ھن وٽ خيالن جي پيشڪش انتھائي موهيندڙ آهي. تڏھن ئي ته لکي ٿو، ”ٻيو ڪو ڪم ايمانداريءَ سان ڪري سگهيو آهيان يا نه پر تنھنجو انتظار اڄ به پوري ايمانداريءَ سان ڪري رهيو آهيان!“ يا ”توسان ڳالھائيندي ڪائنات دل جيتري ننڍي ۽ دل ڪائنات جيتري وڏي لڳندي آهي!“
اکيون بند ڪري دل کولي پڙهڻ سان هيءُ رومانس سان ڀريل ڪتاب اوهان جي خالي ٿيل ذهن جو پورائو ضرور ڪندو اها اميد ناهي پر پڪ آھي!