Tiyon Wajood(stories) Amar Jaleel-ٽيون وجود امرجليل

200.00

ٽيون وجود ڪهاڻيون امر جليل

ڇھون ايڊيشن

Page 174

ISBN 978 9699544 54 5

Add to Wishlist
Add to Wishlist

Description

ٽيون وجود ڪهاڻيون امر جليل

ڪتاب “ٽيون وجود” مون نہ لکيو آهي, ڳالھ كي هڪدم نامعقول سمجهي رد نہ ڪريو, يقين ڪريو مان هن ڪتاب جو مصنف نہ آهیان, مان ڪنهن بہ ڪتاب جو مصنف نہ آهيان، ليکڪ نہ آهيان. منهنجو عمل دخل فقط ایترو آهي جو منهنجي ٽئين وجود كان جيڪي ڪهاڻيون اڌ ۾ رهجي ويون هيون، انهن ڪهاڻين كي مون هٿ ۾ کنيو، منقطع سلسلي کي جوڙيو ،هيئيت کي زمان، مڪان ۽ تاریخ جو حوالو ڏنو، ڪجهہ جملن جو اضافو ڪيو، اوچتو سلسلو ٽٽي پيو، ڪابہ ڪهاڻي مڪمل ٿي نہ سگهي، اڌ ۾ ڇڏيل ڪھاڻيون اڌ رجهي ويون، ڪابہ ڪهاڻي پنهنجي حتمي اختمام کي پهچي نه سگهي. همیشہ کان، ازل کان ائين ٿيندو رهيو آهي ۽ ابد تائين ائين ئي ٿيندو رهندو. اڌ ۾ رهجي ويل ڪهاڻيون اڌ ۾ رهجي وينديون. تڪميل كي ڪوبہ مفهوم ملي نہ سگهندو، ماٹهو تڪميل جي لفظ جو انت لهي نہ سگهندا.امر جلیل