Insani Zindgi jy Maqsad jy ghola- انساني زندگي جي مقصد جي ڳولا

600.00

Add to Wishlist
Add to Wishlist

Description

insani Zindgi jy Maqsad jy ghola by Parvez Solangi

انساني زندگي جي مقصد جي ڳولا ليکڪ پرويزسولنگي

توھان سڄڻن کي اھو ٻڌائيندي سرھائي ٿي رھي آھي تہ وڪٽر فرينڪل جو جڳ مشھور ڪتاب Man’s Search For Meaning جنھن کي ڪووڊ جي ڏينھن ۾ “انساني زندگي جي مقصد جي ڳولا” نالي ھيٺ ترجمو ڪيو ھو اهو ڪتاب منھنجي پسنديده ڪتابن مان ھڪ آھي ڇاڪاڻ ان ڪتاب سان منھنجو واسطو ان وقت پيو جڏھن مان ھڪ وڏي ۽ خطرناڪ وجودي بحران مان گذري رھيو ھئس. زندگي بي ربط ۽ بي معني نظر اچي رھي ھئي. ائين پيو لڳي ته ھيڏي وڏي وشال ڪائنات ۾ پنھنجي غير اھم وجود کي ساڍي ھلڻ جو ڪو اتساھ ۽ جذبو ڪو نه ھو. ھڪ ڏينھن حيدرآباد ويس ته اتي منهنجي دوست شهزاد ھي ڪتاب ھٿ ۾ پڪڙائيندي چيو “استاد يئ ڪتاب پڙھو مزا آجيگا”. مان ڪتاب گھر کڻي آيس ۽ پوء پڙھندو ويس ۽ مون کي کوڙ سارن انھن سوالن جا جواب ملندا ويا جن جي ڳولا سالن کان ھئي. زندگيءَ جي وجودي پاسن جا مطمئن ڪندڙ جواب مليا ۽ اھو وجود جنھن کي مان بار سمجھندو ھئس ھلڪو محسوس ٿيڻ لڳو. زندگيءَ کي جيئڻ ، پاڻ کي، سماج کي مختلف زاوين سان پرکڻ شروع ڪيم.
پوء سوچيم اھو ڪتاب جيڪو دنيا جي کوڙ سارين ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آھي ان جو ترجمو سنڌي ۾ اچڻ گھرجي. دير صحيح پر ان تي عمل شروع ڪيو ۽ ڪجھ ڏينهن ۾ ھي پورھيو اوھان جي ھٿن ۾ ھوندو. اھي نوجوان جيڪي زندگيءَ کان تنگ آھن جن کي خودڪشي جا خيال تنگ ڪن ٿا ۽ جن کي جئيڻ بار لڳندو ھجي ھي ڪتاب ضرور پڙھن. ھي ڪتاب زندگيءَ کي گذارڻ جا نوان خيال ۽ پيچرا ڏيکاري ٿو.
ان ڪتاب جو خوبصورت مھاڳ نفسيات جي ماھر ، ڊاڪٽر ايشور ڪمار لکي ڏنو جنھن جو ٿورائتو آھيان